ساز جو گهاٽ

ساز جو گهاٽ (Frame): ساز جو گهاٽ (Frame)، لوهه/ فولاد يا پتل جي ٻن اڍائي سُوتن جي ٿلهي تار جو، ٽڪنڊي شڪل سان ٿئي ٿو ۽ ڪن ۾ هڪ ڪنڊ کليل هوندي آهي ته جيئن ڇيڙا هڪٻئي کان الڳ رهن. هن کي ڪنهن ڏوريءَ ۾ ڪنهن ڪنڊ وٽ ٻڌبو آهي، يا هٿ ۾ جهلبو آهي ته جيئن پيدا ٿيندڙ لرزش ۾ رڪاوٽ جي پاسي تي ڌڪ هڻي آواز پيدا ڪجي. وڄت جي شدت کي تيز، مڌم ۽ آهستي ڪرڻ لاءِ پاسي تي آڱر سان ضرورت آهر ڇهاءُ ڏبو آهي. ڌڪ واري جاءِ بدلائڻ سان به آواز ۾ تبديلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. هي ساز جرس وانگر آهي، جيڪو اڪثر مرشد جي آمد جي اطلاع لاءِ استعمال ڪبو آهي، پر ان جو نمونو ٻيو آهي. هي ساز ڏند ڪٿائي گرو ’گوگي چوهاڻ‘ جا پوڄاري ڳائڻا وڄائيندا آهن.



لفظ ساز جو گهاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو